SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Breaking Relations

(click word to listen sound
  • 🔊
  • breikiŋ
  • rileiʃənz
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Breaking Relations

بريڪنگ رليشنز

سفارتي لاڳاپا ڇنڻ

ڪنهن به هڪ رياست طرفان ٻيءَ رياست جي پاليسين ۽ عملن تي عدم اعتماد ظاهر ڪندي ان جي اختيار ڪيل روين تي اعتراض واري، ساڻس سفارتي لاڳاپن جي خاتمي جو اعلان ڪرڻ، کان پوءِ ٻنهي رياستن وچ ۾ روايتي ۽ عام رواجي سفارتي تعلقات ختم ٿي ويندا آهن. عام طور تي ان قدم کي ”غير صحتمند“ سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو ٻن ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي ٽُٽڻ جي ٻيو مطلب سندن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو شروع ٿيڻ هوندو آهي. جيئن ته ڪنهن به تڪراري صورتحال جو پرامن حل فقط مذاڪرات ذريعي ئي ممڪن هوندو آهي، تنهنڪري هڪ ملڪ طرفان ٻئي ملڪ سان تعلقات ختم ڪرڻ سبب سندن وچ ۾ موجود تڪرار جي حل لاءِ غير فوجي رابطا ختم ٿيڻ جي صورت ۾ فقط فوجي ڪارروائي جو رستو بچندو آهي. اهڙي طرح سفارتڪاريءَ جي جڏهن سڀ کان وڏي ضرورت هوندي آهي تڏهن اهي لاڳاپا ئي بحال نه رهندا آهن. ان صورتحال کان بچڻ لاءِ ٻن ملڪن وچ ۾ پيدا ٿيندڙ تڪراري صورتحال کي وڌيڪ اينگهائڻ کان بچائيندي، هڪ بهتر حڪومت سفارتي لاڳاپا مڪمل طور تي ٽوڙڻ بجاءِ احتجاجي طور پنهنجي نمائندي کي واپس گهرائي وٺندي آهي جنهن ڪري سفارتخانو پنهنجيون عام روايتي سرگرميون جاري رکي سگهندو آهي، اهڙي صورتحال کي سفارتڪاريءَ ۾ ڪنهن ۾ شخص جي ”مُنهن بجاءِ نڪ ڪپڻ“ واري صورتحال سان ڀيٽي سگهجي ٿو، تنهنڪري ذميوار ۽ سَمجهو حڪومتون پنهنجي سفيرن کي احتجاج طور گهرائي نيون هدايتون ڏيئي واپس ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ مقرريءَ واري مُلڪ موڪلينديون آهن. ان عمل سان احتجاج ۽ پر امن مذاڪرات لاءِ مناسب حڪمت عملي جڙي سگهندي آهي. عام طور سفارتي لاڳاپن جي ٽُٽڻ کان پوءِ ٻنهي رياستن جي مُفادن جو خيال، ڪا ٽين دوست رياست رکندي آهي. سفارتي ناتا ٽٽُڻ باوجود، ٻئي رياستون هڪٻئي جي سفارتي نمائندن کي، قانوني طور مليل سهولتن ۽ تحفظن کي يقيني بنائڻ لاءِ پابند هونديون آهن. ان کان علاوه سفارتخانو بند ڪندڙ رياست، پنهنجا اهم دستاويز ۽ ڪاغذ پَٽَ مهر بند ڪري، ساڳئي رياست ۾ موجود ڪنهن ٽين دوست رياست وٽ امانت طور رکڻ لاءِ مُکياري هونديون آهن. هتي سفارتي لاڳاپن جي مُڪمل خاتمي ۽ سفارت بند ڪرڻ يا ختم ڪرڻ ۽ مڪمل طور سفارتي ناتا ٽوڙي ڇڏڻ وارين صورتحالن ۾ فرق محسوس ڪرڻ جي ضرورت آهي. پهرين صورتحال ۾ ڪا به هڪ رياست پنهنجي سفارت خاني کي رضاڪارانه طور مليل اختيارن جي استعمال سان بند ڪندي آهي، جنهن کي مُناسب موقعي يا تبديل ٿيل حالتن ۾ ٻيهر کولڻ ممڪن هوندو آهي. جڏهن ته پوئين صورتحال ۾ لاڳاپيل ٻئي رياستون سفارتخانا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪندا آهن، جيڪو عمل عام طرح حالتن جي دٻاءَ جو نتيجو هوندو آهي


Remember Me Also:

ڪڙائجي وڃڻ

ٿڪجي پوَڻ ، چور ٿي پوَڻ ، ساڻو ٿي پوَڻ ، ماندو ٿيڻ ، ڪڙجي وڃڻ. ويڙهجي سيڙهجي وڃڻ ، گول مول ٿي وڃڻ ، ڊونڊڙو ٿي وڃڻ ، ڪُرُو نڊڙو ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal